ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اومي ڪرون جي نشاني تي!

ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيندي پئي وڃي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ وڌيڪ 23 ڄڻن ۾ اومي ڪرون وائرس جي تصديق ٿي آهي، متاثرن جو واسطو اوڀر، اولهه، سينٽرل ۽ ملير ضلعن سان آهي.

صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته سنڌ ۾ اومي ڪرون جي ڪيسن جو مجموعي انگ 200 ٿي ويو آهي.

هوڏانهن پنجاب صوبي ۾ وڌيڪ 24 ڄڻن ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ پنجاب ۾ اومي ڪرون ڪيسن جو گڏيل انگ 177 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي موجب گذريل ڏينهن لاهور ۾ وڌيڪ 20 ڄڻن ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ اومي ڪرون ڪيسن جو انگ 170 تي پهچي ويو آهي.

ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جا وڌيڪ 27 ڪيس سامهون آيا آهن.

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر موجب شهر ۾ اومي ڪرون سان متاثرن جو انگ 141 ٿي ويو آهي ۽ اومي ڪرون سان متاثر ماڻهن جي اڪثريت ڪورونا خلاف ويڪسين ناهي لڳرائي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.80 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

وفاقي اختيارين گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جا واضح اثر نظر اچي رهيا آهن.

Read Previous

ن ليگ ۽ پ پ جي به فنڊنگ جي ڇنڊ ڇاڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيان: وزيراعظم

Read Next

سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز کي نجي اسڪول سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular