سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز کي نجي اسڪول سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز کي نجي اسڪول سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪنٽونمينٽ علائقن مان نجي اسڪولن جي بي دخلي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ڪينٽ بورڊز کي نجي اسڪولن کي سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران نجي اسڪولن جي وڪيل چيو ته ڪينٽ بورڊز ۾ 8300 نجي اسڪول آهن، جن ۾ 37 لک ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، اسڪولن کي سيل ڪيو پيو وڃي، ٻار ڪيڏانهن ويندا؟ سپريم ڪورٽ نجي اسڪولن کي ٻڌڻ بنا فيصلو ڏنو هو.

عدالت ان معاملي تي سڄي ملڪ جي ڪنٽونمينٽ بورڊز کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 2018 ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ قائم اسڪولن کي 3 سالن ۾ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي پرائيويٽ اسڪولز ۽ شاگردن نظرثاني اپيل داخل ڪئي.

Read Previous

ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اومي ڪرون جي نشاني تي!

Read Next

نواز شريف سان ڊيل جون ڳالهيون بي بنياد آهن: پاڪ فوج جو ترجمان

Most Popular