جاويد اختر هندو انتهاپسندن مٿان مڇرجي پيو

جاويد اختر پنهنجي پڙڏاڏي خلاف نازيبا ٻولي ڳالهائڻ تي هندو انتهاپسندن مٿان مڇرجي پيو.

تازو ئي ڀارت ۾ بلي بائي نالي ايپ تي مسلمان عورتن جي نيلامي جي معاملي تي تڪرار هلي رهيو آهي. اها حرڪت ڪندڙن خلاف نه رڳو ڀارتي عورت صحافين آواز اٿاريو آهي پر بالي ووڊ جي نالي واري اسڪرپٽ رائيٽر ۽ شاعر جاويد اختر به ان تي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ٽوئيٽر تي ان معاملي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي خاموشي تي به حيراني جو اظهار ڪيو هو.

جاويد اختر کي مسلمان عورتن لاءِ آواز اٿارڻ مهانگو پئجي ويو. بلي بائي ايپ خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس سوشل ميڊيا تي هندوانتهاپسندن طرفان لاڳيتون تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ايتري تائين جو سندس پڙڏاڏي لاءِ به ماڻهو گُٿا لفظ ڳالهائي رهيا آهن.

جاويد اختر انتهاپسندن جي ان حرڪت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جنهن وقت کان عورتن جي آن لائين نيلامي جي خلاف آواز اٿاريو ان وقت کان ڪجهه انتهاپسندن منهنجي عظيم پڙڏاڏي کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن جيڪو 1864ع ۾ ڪالاپاني ۾ شهيد ٿيندڙ آزادي پسند ويڙهاڪ هو، اهڙن بيوقوفن کي اوهان ڇا چوندا.

Read Previous

نواز شريف سان ڊيل جون ڳالهيون بي بنياد آهن: پاڪ فوج جو ترجمان

Read Next

پي سي بي ايوارڊز 2021 لاءِ نامزدگين جو اعلان، شاهنواز ڏاهاڻي به شامل

Most Popular