نواز شريف سان ڊيل جون ڳالهيون بي بنياد آهن: پاڪ فوج جو ترجمان

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته نواز شريف سان ڊيل ڪرڻ جون ڳالهيون بي بنياد  آهن، جيڪڏهن  ڪو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته اُن کان پڇو ته تفصيل به ٻڌائي.

پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪو نواز شريف سان ڊيل جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان کان پڇو ته وٽس ڪهڙا ثبوت آهن؟ ڪير ڊيل ڪري رهيو آهي؟ اُن جا ڪهڙا سبب آهن، حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي، سول ۽ ملٽري لاڳاپن ۾ الحمد الله ڪي به مسئلا ناهن، شام جو ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون، اسٽيبلشمنٽ هي ڪري ڇڏيو هُو ڪري ڇڏيو، درخواست آهي ته اسٽيبلشمنٽ کي ان بحث کان ٻاهر رکيو وڃي،آرمي چيف جي مدي بابت به اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن.

هن چيو ته اولهه پاسي بارڊر تي 2021 ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي رهي، افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسي جا پاڪستان جي سيڪيورٽي تي اثر پيا، بارڊر مئنيجمنٽ تحت بارڊر تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم 94 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، اهي امن جون ڪنڊيدار تارون آهن ۽ ڪم ضرور مڪمل ٿيندو، ڪنڊيدار تارن کي لڳائڻ ۾ اسان جي شهيدن جو رت شامل آهي، تارون لڳائڻ جو مقصد ٻنهي پاسن جي ماڻهن کي ڌار نه پر تحفظ فراهم ڪرڻ آهي،  ايران بارڊر تي به تارون لڳائڻ وارو ڪم 71 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افعانستان جي صورتحال جو اثر پاڪستان تي به پئي سگهي ٿو، صورتحال انساني الميو پيدا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان ۽ افغانستان جي حڪومتن وچ ۾ هم آهنگي آهي، 2021 ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرد تنظيمن جو صفايو ڪيو،  انٽيليجنٽس ايجنسين 890 ٿريٽ الرٽ جاري ڪيا، جنهن سبب 70 سيڪڙو امڪاني دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي.

سندس چوڻ هو ته 2021 ۾ ايل او سي تي پورو سال امن رهيو، ڀارتي فوج دهشتگردي جي نالي تي مظلوم ڪشميرين کي شهيد ڪري رهي آهي، ڀارت ايل او سي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي به شهيد ڪري چڪو آهي ۽ ڀارت والاريل ڪشمير  ۾ بدترين رياستي ظلم تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، ڀارت اندروني طور مذهبي انتهاپسندي جو شڪار آهي، ڀارتي فوج جي قيادت پاران ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي.

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به شخص يا هٿياربند گروهه کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، طاقت جو استعمال رڳو رياست جو حق آهي، ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جن علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو، اتي حالتون نارمل آهن.

هن چيو ته ڪجهه وقت کان پاڪستان جي مختلف ادارن ۽ شخصيتن خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي، جنهن جو مقصد عوام، ادارن ۽ فوج جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ ۽ ادارن مٿان عوام جي اعتماد کي نقصان پهچائڻ آهي، اسان اهڙين سمورين سرگرمين کان آگاهه آهيون، انهن جي رابطن کي به ڄاڻون ٿا، جيڪي پرڏيهه ۾ ويهي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، پاڪستان کان ٻاهر ويٺل اُهي عنصر فيڪ نيوز ۽ ڪوڙي ڳالهين سان ادارن جي وچ ۾ويڇا پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي ڪوششن کي اڳ به ناڪام بڻايو ويو هو.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اهڙي پروپگنڊا ۾ ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ گڏيل سطح تي قدم کڻڻ ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي قانون جي ضرورت آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ڪوڙين خبرن کي انفرادي سطح تي به روڪڻ جي ضرورت آهي ۽ قانونسازي به ڪرڻي پوندي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڀتي خوري، ڀنگ لاءِ اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائم  جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪراچي ۾ 78 ڪارروائيون ڪيون ويون، تحريڪ طالبان پاڪستان سان سيز فائر ڊسمبر تي ختم ٿي ويو هو، ٽي ٽي پي خلاف آپريشن جاري آهي، في الحال ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون  موجوده افغان حڪومت جي درخواست تي شروع ڪيون ويون، پاڪستان ۾ داعش موجود ناهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز کي نجي اسڪول سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

جاويد اختر هندو انتهاپسندن مٿان مڇرجي پيو

Most Popular