ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لڳندو يا نه؟ اسد عمر ٻڌائي ڇڏيو

ملڪ ۾ ڪورونا جي خطرناڪ ويرينٽ اومي ڪرون جي ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ لاڪ ڊائون لڳندو يا نه؟ ان حوالي سان اين سي او سي سربراهه اسد عمر وضاحت ڪري ڇڏي.

ڏکڻ آفريقا مان دريافت ٿيندڙ ڪورونا وائرس جو نئون قسم اومي ڪرون ملڪ جي مختلف شهرن، خاص طور ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت طرفان عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون جي حوالي سان وضاحت ڪندي نيشنل اينڊ آپريشن سينٽر سربراهه اسد عمر چيو ته في الحال صورتحال اهڙي ناهي جو لاڪ ڊائون هڻون.

صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته في الحال ڪورونا جا نمبر ڏسي رهيا آهيون ۽ ان حوالي سان پاڪستان سميت سڄي دنيا تي نظر آهي، في الحال ويڪسينيشن تي زور آهي.

Read Previous

ڀارت ۾ آبادگارن مودي جي قافلي کي روڪي ڇڏيو

Read Next

ڪورونا ۾ وري تيزي، ٽن مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ

Most Popular