ڀارت ۾ آبادگارن مودي جي قافلي کي روڪي ڇڏيو

ڀارتي رياست پنجاب ۾ وزير اعظم نريندر مودي جي قافلي کي آبادگارن رستي ۾ روڪي ڇڏيو.

ڀارتي وزير اعظم کي فيروزپور شهر ۾ ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ۽ ريلي کي خطاب ڪرڻو هو، نريندر مودي جي قافلي جي رستي ۾ ڀٽينڊا جي فلائي اوور تي آبادگارن احتجاج ڪيو ۽ روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو.

آبادگارن جي احتجاج سبب ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي قافلي کي روڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙ آبادگار اتر پرديش ۾ هارين جي قتل تي جونيئر وزير اجي مشرا جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.

آبادگارن جي احتجاج سبب وزير اعظم مودي 20 منٽن تائين ڀٽينڊا شهر جي فلائي اوور تي ڦاٿل رهيو ۽ بعد ۾ واپس هليو ويو، رياستي حڪومت پاران سيڪيورٽي جا ناقص انتظام هجڻ ڪري مودي کي دورو ملتوي ڪري واپس وڃڻو پيو.

ڀارتي ميڊيا موجب ايئرپورٽ تي نريندر مودي پنجاب جي وڏي وزير کي پيغام اماڻيندي چيو ته وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان جو آئون ايئرپورٽ تي جيئرو موٽي آيو آهيان.

ٻئي پاسي ڀارتي گهرو وزير واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف اثرائتي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

واقعي کانپوءِ ڀارت ۾ سياسي پارو به وڌي ويو ۽ ڪانگريس سان واسطو رکندڙ پنجاب جي وڏي وزير چرنجيت سنگهه دعويٰ ڪئي ته مودي جي ريلي جي لاءِ 70 هزار ڪرسيون لڳايون ويون هيون پر ماڻهو رڳو 700 موجود هئا، شايد ان ڪري وزير اعظم واپس هليو ويو.

Read Previous

آرمي چيف کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ بابت اڃا ناهي سوچيو: وزيراعظم

Read Next

ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لڳندو يا نه؟ اسد عمر ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular