مري ۾ شديد برفباري، ٻارن ۽ عورتن سميت 22 ڄڻا فوت، فوج طلب

مري ۾ شديد برفباري سبب هزارين ماڻهو روڊن تي ڦاسي پيا، جڏهن ته سخت سيءَ ۽ ساهه منجهڻ سبب هڪ خاندان جي 8 ۽ ٻئي خاندان جي 5 ڄڻن سميت 22 ڄڻا فوت ٿي ويا.

انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ اسلام آباد پوليس جو 49 ورهين جو اي ايس آءِ ۽ ان جي خاندان جا 7 ڀاتي به فوت ٿي ويا، جن ۾ اي ايس آءِ جي 43 ورهين جي گهرواري، سندس 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ شامل آهن.

سانحي ۾ هڪ ٻئي خاندان جا 5 ڄڻا به فوت ٿي ويا، جن ۾ 46 ورهين جو محمد شهزاد پٽ اسماعيل، ان جي گهرواري ۽ 3 ٻار شامل آهن.

ٻين فوت ٿيلن ۾ ڪمال آباد سان واسطو رکندڙ 27 ورهين جو زاهد پٽ ظهور، گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ 31 ورهين جو اشفاق پٽ يونس عمر، لاهور واسي 31 ورهين جو معروف پٽ اشرف به شامل آهن.

مري انتظاميا موجب 22 ورهين جو اسد پٽ زمان شاهه، 21 ورهين جو بلال پٽ غفار عمر، 24 ورهين جو محمد بلال حسين پٽ سيد غوث خان به سانحي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويا.

هوڏانهن گهر وزير شيخ رشيد ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي طلب ڪري ورتو ۽ مري ۾ فضائي آپريشن جي تياري شروع ڪئي وئي آهي.

ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب مري ۾ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل 23 هزار کان وڌيڪ گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا به سوين گاڏيون ڦاٿل آهن.

ٻئي پاسي پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير عثمان بوزدار سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ آفيسون سياحن لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا جا حملا تيز، ٽن مهينن بعد سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ

Read Next

بابر اعظم سان گڏ نظر ايندڙ عورت ڪير آهي؟

Most Popular