پاڪستان ۾ ڪورونا جا حملا تيز، ٽن مهينن بعد سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ

پاڪستان ۾ ڪورونا جي عالمي وبا ٻيهر زور وٺي وئي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1572 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 7 مريض لاڏاڻو پڻ ڪري ويا.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 49658 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1572 جو نتيجو هاڪاري آيو، جڏهن ته وڌيڪ 7 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.10 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ان کان اڳ 3 آڪٽوبر 2021 ۾ هاڪاري ڪيسن جي سڀ کان وڌيڪ شرح 3.12 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سان فوتين جو مجموعي انگ 28969 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 13 لک 4 هزار 58 آهي.

ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 325 ڄڻا صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو ڪُل انگ 12 لک 58 هزار 657 ٿي ويو آهي.

Read Previous

مدني مسجد جي هڪ اينٽ ٽوري نٿو سگهي : جمعيت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو

Read Next

مري ۾ شديد برفباري، ٻارن ۽ عورتن سميت 22 ڄڻا فوت، فوج طلب

Most Popular