ارجيت سنگهه گهرواري سوڌو ڪورونا وائرس جو شڪار

بالي ووڊ جو ناليوارو گلوڪار ارجيت سنگهه ۽ سندس گهرواري ڪورونا جو شڪار ٿي ويا.

ڀارت ۾ ڪورونا جي وائرس جي نئين لهر پکڙجڻ بعد تيزي سان ڪورونا جي مريضن ۾ واڌ اچي رهي آهي ۽ عام ماڻهن سان گڏ مشهور فنڪار به هن وائرس جو شڪار ٿي رهيا آهن.

بالي ووڊ جو ناليوارو گلوڪار ارجيت سنگهه ۽ سندس زال ڪوئل راءِ به ڪورونا جو شڪار ٿي ويا آهن.

ارجيت سنگهه اها خبر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڏيندي چيو ته منهنجي ۽ منهنجي گهرواري جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي، اسان ٻئي ٺيڪ آهيون ۽ پاڻ کي قرنطينا ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بالي ووڊ اداڪارا سوار اڀاسڪر، ڪرينا ڪپور، ايڪتا ڪپور، ارجن ڪپور، مهيش بابو، ايريڪا فرنينڊس، درشتي ڌامي سميت ٻيا فنڪار به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا هئا.

Read Previous

عثمان خواجا ساٿي رانديگرن سوڌو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ بيچين

Read Next

پنوعاقل نيشنل ھائي وي تي ڪوھيڙي سبب ٽرالر پاڻ ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٽڪرائجي ويا

Most Popular