سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ جي لاءِ درخواست تيار ڪري ورتي، جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي.
درخواست سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته پٽيشنر سپريم ڪورٽ بار جو صدر احسن ڀون هوندو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تاحيات نااهلي جو اصول لاڳو ٿيڻ کي رڳو چونڊ تڪرارن ۾ استعمال ڪيو وڃي.
درخواست ۾ آرٽيڪل 180 ۽ آرٽيڪل 99 جي تشريح جو به مطالبو ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاق کي ڌر بڻايو ويندو.
سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو آهي ته درخواست ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ داخل ڪرائي ويندي.
واضح رهي ته هلندڙ دور ۾ اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ۽ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جهانگير ترين سپريم ڪورٽ مان تاحيات نااهل ٿي چڪا آهن.