پاڪستان هاڻ به ٻين ملڪن کان سستو آهي، اسان قوم کي بحرانن کان بچايو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سستو آهي، هي اسان کي نااهل چون ٿا، اسان جي حڪومت قوم کي سمورن بحرانن کان بچايو.

14هين انٽرنيشنل چيمبرز سمٽ کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هن وقت به تيل جا اگهه ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، وزيراعظم ٿيڻ منهنجو خواب نه هو، وزيراعظم بڻجي پاڪستان کي عظيم ملڪ ٺاهڻ منهنجو خواب هو.

عمران خان چيو ته ڪمپنين کي 930 ارب رپين جو منافعو ٿيو، 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ خانگي شعبي جي اپ ٽيڪ 1100 ارب رپيا ٿي، ايڪسپورٽ ۽ ٽيڪس ڪليڪشن ملڪ جي مستقبل لاءِ ضروري آهي.

هن چيو ته برآمد نه وڌائينداسين ته آءِ ايم ايف ۾ ڦاسي پونداسين، ٽيڪس اوڳاڙي پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، اسان وٽ ٽيڪس ڪلچر ناهي، ٽيڪس ڪلچر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته في خاندان کي 10 لک رپيا هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، هيلٿ ڪارڊ ذريعي ڪنهن به اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهجي ٿو.

وزيراعظم موجب افغانستان جو چيلنج آيو ته هڪ خوف پيدا ٿي ويو، خوف سبب ماڻهن ڊالر خريد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڊالر مٿي هليو ويو، ناڻي جي پهچ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ 32 ارب ڊالر رهي، آئون چوندو هيس ته 8 هزار ارب ٽيڪس گڏ ڪندس، اسان 6 هزار ارب ٽيڪس گڏ ڪيو.

هن چيو ته جيستائين صنعت ترقي نٿي ڪري ان وقت تائين ملڪ خوشحال نه ٿيندو، مديني جي رياست دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انقلاب آهي، قانون جي حڪمراني جي جنگ سڀني کي وڙهڻي آهي، مافيا نٿي چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هجي.

عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت کي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو مليو، مهانگائي سبب سموري دنيا تڪليف ۾ آهي، رنگ روڊ منصوبي ۾ ڪرپشن سبب دير ٿي، ڪجهه ماڻهن کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ منصوبي جي الاٽمينٽ تبديل ڪئي وئي، زمينون سستي اگهه تي انڊسٽريز کي ڏنيون ويون.

Read Previous

تاحيات نااهلي جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻ جي تياري

Read Next

ملڪ ۾ وري لاڪ ڊائون لڳندو يا نه؟ فواد چوڌري واضح ڪري ڇڏيو

Most Popular