پاڪستان ۾ موت سڀ کان سستو آهي، روزگار کسي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي: اختر مينگل

بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي اڳواڻ سردار اختر مينگل چيو آهي ته حڪومت مني بجيٽ ۾ رڳو موت تي ٽيڪس ناهي لڳايو.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو ته مني بجيٽ ٺيڪ نالو ناهي، ان کي ڪو ٻيو نالو ڏنو وڃي، سڀني ضروري شين تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳايا ويا، مني بجيٽ ۾ رڳو موت تي ٽيڪس ناهي لڳايو ويو.

هن چيو ته هن ملڪ ۾ موت سڀ کان سستو آهي، ٽيڪس لڳائڻو اٿوَ ته ڪوڙ، ناانصافين، نيب ۽ غلط فيصلن تي لڳايو، مرڪز مان روزگار جي اميد ناهي، ماڻهن ماهي گيري سان پنهنجو روزگار پيدا ڪيو، گوادر سي پيڪ جو جهومر آهي ۽ اتي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، حڪومت بارڊر واپار کي بند ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو ڪاڏي وڃن، روزگار کسي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيان ٿو، قدرتي آفتن ۾ حڪومتن جي به ذميواري هوندي آهي، قدرتي آفتون عملن جو نتيجو هونديون آهن، جيڪي ڀوڳڻيون پونديون آهن، حادثن ۾ حڪمرانن جي ڪمزوري ۽ حڪمت عملي جو به جائزو وٺڻ گهرجي، نااهلي سدائين حادثن کي جنم ڏيندي آهي، حادثن کانپوءِ ٺاهيل ڪميشن ۽ ڪميٽين جو ڪو فائدو ناهي نڪرندو.

سردار اختر مينگل چيو ته مري متاثرن جو رڙيون ايوان ۽ ميڊيا ۾ ٻڌيون ويون، بلوچستان ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا، ڇا بلوچستان پاڪستان جو حصو ناهي؟ انهن حادثن تي ڪنهن ڳالهائڻ به ضروري نه سمجهيو.

Read Previous

شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

Read Next

نوجوان ۽ ناري تي تشدد: وفاقي حڪومت جو ڪيس جي پاڻ پيروي ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular