شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور جي احتساب عدالت اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ پنجاب پاور ڊولپمينٽ ڪمپني، ايرا ۽ سرڪاري کاتن جي فنڊن ۾ گهوٻين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت شهباز شريف جي ڌيءَ رابعا عمران ۽ ناٺي عمران يوسف کي اشتهاري قرار ڏنو.

عدالت ٻنهي جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ ٻنهي جي منقولا ۽ غير منقولا ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

عدالت چيو ته جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ کان اڳ پيشي جي 30 ڏينهن جي حتمي مهلت ڏني وئي پر شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي عدالتي رعايت مان فائدو نه کنيو، تنهن ڪري ٻنهي جي گرفتاري ۽ عدالت پيشي تائين گرفتاري وارنٽ قائم رهندا.

واضح رهي ته احتساب عدالت ۾ رابعا عمران ۽ عمران يوسف سميت ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مني لانڊرنگ ايڪٽ جا قدلم به شامل ڪيا ويا.

Read Previous

”حڪومت ملڪ دشمني تي لهي آئي آهي، عوام توهان کي ٿورو ٽريلر ڏيکاري ڇڏيو“

Read Next

پاڪستان ۾ موت سڀ کان سستو آهي، روزگار کسي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي: اختر مينگل

Most Popular