افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ قومن امداد جي اپيل ڪري ڇڏي

گڏيل قومن افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ امداد جي اپيل ڪري ڇڏي.

افغانستان ۾ سخت ٿڌ جي شروعات سان انساني بحران تيزي سان وڌي رهيو آهي، طالبان جي اقتدار تي قبضي ۽ عالمي پابندين بعد ملڪ ۾ معيشت ويهي رهي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب معيشت جي خراب صورتحال سبب افغانستان ۾ بيروزگاري ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 10 لک ٻارڙا شديد غذائي کوٽ سبب خطري هيٺ آهن.

ٻئي پاسي گڏيل قومن چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ هلندڙ سال  5 بلين ڊالرز امداد جي ضرورت آهي، جڏهن ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ رهندڙ 5.7 ملين افغان پناهگيرن جي مدد جي لاءِ 623 ملين ڊالرز گهربل آهن.

گڏيل قومن جي ايڊ چيف مارٽن گريفٿيس چيو آهي ته  افغانستان تي مڪمل انساني بحران لامارا ڏئي رهيو آهي، افغان عوام تي امداد جا دروازا بند نه ڪيو، افغانستان ۾ وڏي پئماني تي پکڙجندڙ بک، بيماري، غذائي کوٽ ۽ فوتگين کي روڪڻ جي لاءِ مدد ڪئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امدادي پيڪيج کانسواءِ ڪو به مستقبل نه هوندو.

Read Previous

نوجوان ۽ ناري تي تشدد: وفاقي حڪومت جو ڪيس جي پاڻ پيروي ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

ثانيا مرزا لاءِ هفتي جي شروعات ڪيئن هوندي آهي؟

Most Popular