ثانيا مرزا لاءِ هفتي جي شروعات ڪيئن هوندي آهي؟

قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي نئين ويڊيو ۾ مداحن کي ٻڌايو آهي ته کيس سومر جو ڏينهن ڪيئن لڳندو آهي.

سومر معنيٰ هفتي جي شروعات جو ڏينهن سڀني لاءِ مختلف هوندو آهي، ڪجهه ماڻهو ان ڏينهن تي پرجوش ۽ خوش هوندا آهن ته ڪجهه وري معمول موجب نظر ايندا آهن پر ڪجهه ماڻهو وري هفتي جي شروعات تي پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪندا آهن، ڇو ته آچر ڏينهن موڪل کانپوءِ انهن جي ڪم تي دل ناهي لڳندي ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا به انهن مان آهي.

ثانيا مرزا انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس مختلف انداز ۾ ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو ته ”وري سومر ڇو آهي؟ اهو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ته آيو هو، مان سمهي اٿيس مَس ته وري سومر اچي ويو“.

Read Previous

افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ قومن امداد جي اپيل ڪري ڇڏي

Read Next

حريم شاهه جو گهيرو تنگ، مني لانڊرنگ جي جاچ شروع

Most Popular