”توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو“ پرويز خٽڪ، عمران خان سان وچڙي پيو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ سخت جملن تي ڏي وٺ ٿي.

قومي اسيمبلي ۾ اڄڪلهه مني بجيٽ تي بحث جاري آهي ۽ ضمني مالياتي بل جي منظوري کان اڳ قومي اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو پر اجلاس ۾ معاملو وڌيڪ بگڙي ويو، پرويز خٽڪ، نور عالم ۽ ٻين ميمبرن بجي بجيٽ، مهانگائي، اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري بابت سخت خدشن جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو، خيبر پختونخواهه ۾ گئس تي پابندي آهي، گئس بجلي اسان پيدا ڪندا آهيون ۽ پيڙهجي به اسان رهيا آهيون، جيڪڏهن توهان جو اهو ئي رويو رهيو ته اسان ووٽ نه ڏئي سگهنداسين.

ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي ان گفتگو تي وزيراعظم اٿي وڃڻ لڳو ۽ چيو ته جيڪڏهن توهان مون مان مطمئن ناهيو ته ٻئي ڪنهن کي حڪومت ڏئي ڇو ڇڏيان، منهنجو ڪو ذاتي مفاد ناهي ملڪ جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، منهنجا ڪارخانا ناهن.

ذريعن موجب ان موقعي تي حماد اظهر به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پرويز خٽڪ کيس چيو ته مان وزيراعظم سان ڳالهائي رهيو آهيان.

ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي ڳالهه تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اجلاس مان اٿي وڃڻ لڳو پر سينيئر ميمبرن کيس روڪي ورتو، جڏهن ته پرويز خٽڪ اجلاس مان هليو ويو.

پرويز خٽڪ، حماد اظهر ۽ شوڪت ترين تي به سخت تنقيد ڪئي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبر نور عالم به سوال ڪيا ته اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري سلامتي ادارا ته متاثر نه ٿيندا؟ ڇا اسان سلامتي ادارن جي اڪائونٽن جا تفصيل به آءِ ايم ايف کي ڏينداسين، جنهن تي وزيراعظم چيو ته واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ملڪي مفاد تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، سلامتي ادارن جو تحفظ هر صورت يقيني ۽ پهرين ترجيح آهي.

نور عالم خان وڌيڪ سوال ڪيو ته ڇا مني بجيٽ سان اسان کي گئس، پاڻي ۽ بجلي ملندي؟ جڏهن ته وزيراعظم کان ٻين اسيمبلي ميمبرن به سوال ڪيا.

Read Previous

حڪومت ته پهرئين ڏينهن کان ئي ناڪام آهي: آصف زرداري

Read Next

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول 150 رپيا ليٽر ٿيڻ جو امڪان

Most Popular