ٽن کان چئن مهينن دوران مهانگائي جو خاتمو ڪنداسين، اپريل ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته شهباز شريف نواز شريف کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي اها مون کي رڪارڊ مان خبر پئي آهي. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو 3 کان 4 مهينن اندر خاتمو آڻينداسين.

لانگ يا لونگ مارچ ڪريو، ڪجهه به ڪريو، اسان لانگ مارچ ۾ رنڊڪ نه وجهنداسين. 23 مارچ تي او آءِ ايس جا مهمان اچي رهيا آهن جي ٽين به فضائي مارچ ڪندو. 23 مارچ جي احترام کي نظر ۾ رکيو وڃي اهو دفاعي اهميت جو ڏهاڙو آهي. شيخ رشيد چيو ته ملڪ جو معاشي ۽ اقتصادي مسئلو اسان کي جهيز ۾ مليو. آءِ ايم ايف وٽ پهريون ڀيرو نه پر 23 ڀيرا وڃڻو پيو، ڪوبه آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ پسند ناهي ڪندو. چورن، ڌاڙيلن ملڪ کي ايترو ڦريو آهي جو اسان کي هر ڀيري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو.
ٻنهي پارٽين جهڙي طرح ملڪ کي لٽيو ان جي سزا اسان ڀڳتي رهيا آهيون. عوام هن چورن کي جيلن ۾ ڏسڻ چاهي ٿي. اسان خوشي سان ناهيون ويا، پر حالتن ۽ مجبوري سبب وياسين. اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃون ته حرام هي وڃن ته حلال آهي. گهرو وزير چيو ته مان سياست ۾ هميشه پهرين نمبر سان دوستي ۽ پهرين نمبر سان ئي جهيڙو ڪندو آهيان. پاڪستان جي سياست مان هاڻ چارئي شريف مائنس آهن.
نوازشريف اچڻ چاهي ٿو ته اچي، نٿو اچڻ چاهي ته ڀلي نه اچي. مون کي رڪارڊ مان خبر پئي آهي ته شهباز شريف نوازشريف کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي. هي چاهين ٿا ته جيڪو هٿ عمران خان جي مٿي تي رکيو ويو آهي اهو هنن جي مٿي تي به رکيو وڃي اهو هٿ هنن جي ڳچيءَ تي ته ايندو پر مٿي تي نه ايندو.
شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته 3 کان 4 مهينن جي اندر مهانگائي جو خاتمو ڪنداسين. اپريل جي مهيني ۾ صورتحال ڪافي بهتر ٿي ويندي. هاڻ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر مضبوط ٿيندي. پنهنجي علائقي جي ماڻهن سان جيڪا واعدا ڪيا هئا ان تي ڪم شروع ٿي رهيو آهي. عمران خان جي حڪومت 5 سال پورا ڪندي.

Read Previous

مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو ٺهي، حريم خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي: شهزاد اڪبر

Read Next

وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي ملاقات

Most Popular