وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلي رهي آهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فنانس بل جي حوالي سان هڪ ڀيرو وري وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ٿر ڊزرٽ آف روڊ چئلينج ريلي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مراد علي شآهه اسلام ڪوٽ پهتو ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت درست وقت تي ايل اين جي امپورٽ نه ڪئي، درست وقت تي ايل اين جي امپورٽ نه ڪرڻ سبب بجلي مهانگي ٿي ۽ بار عوام تي پيو.

مراد علي شاهه چيو ته حڪومت عالمي مايلاتي اداري (آءِ ايم ايف) جي ڊڪٽيشن تي هلي رهي آهي جڏهن ته حڪومت کي پنهنجي نااهلي سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته ناڻي واري وزير هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته 2009 ۾ آءِ ايف ايف سان ڊيل ڪرڻ سولو هو، ناڻي واري وزير جو قلعو محفوظ نه آهي، جڏهن زرداري صدر هو ته اسان آءِ ايم ايف سان اکين ۾ اکيون ملائقي ڳالهائيندا هئاسين.

Read Previous

پي ايس ايل 7 جي آفيشل تراني ۾ آواز جو جادو ڪير ڳائيندو؟ اعلان ٿي ويو

Read Next

مهانگائي جو مسئلو اپريل تائين حل ٿي ويندو: شيخ رشيد

Most Popular