اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن، الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي: شيخ رشيد

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالهه ڪراچي ڪمپني وٽ چوري ۽ يا ڌاڙو نه لڳوپر دهشتگردي جو واقعو هو ۽ مان سگنل مليو آهي ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن.

اسلام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اهو چوري يا ڌاڙي جو واقعو نه آهي دهشتگردن فائرنگ ڪئي آهي. اسان کي هڪ قسم جو سگنل مليو آهي ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن. اهو هن سال جو پهريون واقعو آهي اسان کي گھڻو الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي.

هن چيوته ٻنهي جوابدارن پهچي ويا آهيون موٽرسائيڪلن سان کين ٽريس ڪيو ويو آهي. پوليس پنهنجي جان ڏئي ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي سموري فورس پاڪستان جي حفاظت لاءِ جن جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

Read Previous

نيشنل منارٽي ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي جي وفد سان گڏ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ پنجاب جسٽس محمد امير ڀٽي سان ملاقات ڪئي

Read Next

4 مهينن کانپوءِ ڪورونا وائرس جا 5 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Most Popular