نيشنل منارٽي ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي جي وفد سان گڏ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ پنجاب جسٽس محمد امير ڀٽي سان ملاقات ڪئي

ٿاڻوبولاخان(پ۔ ر) نيشنل منارٽي ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي جي وفد سان گڏ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ پنجاب جسٽس محمد امير ڀٽي سان ملاقات ڪئي ـ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جو سيڪريٽري سردار اعجاز احمد خان جعفر به ان موقعي تي موجود هو.
نيشنل منارٽي ڪميشن پاڪستان جا ميمبر جيپال ڇابڙيا ، ڊاڪٽر سارا صفدر، ڊاڪٽر. سروپ سنگهه، البرٽ ڊيوڊ، ڊاڪٽر. مپمپال سنگهه ، دائود شاهه، مفتي گلزار احمد نعيم ۽ مولانا سيد عبدالڪبير آزاد وفد ۾ ساڻس گڏ ھئا ـ چيف جسٽس ھائي ڪورٽ پنجاب وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. نيشنل منارٽي ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي اين سي ايم طرفان چيف جسٽس جو ٿورو مڃيو ان موقعي تي چيلارام ڪيولاڻي ڳالھائيندي چيو ته چيف جسٽس ھائي ڪورٽ پنجاب کين پنهنجو قيمتي وقت ڏنو. ڪميشن جي وفد چيف جسٽس ھائي ڪورٽ پنجاب کي اقليتن بابت قومي اقليتي ڪميشن جي ڪم بابت آگاهه ڪيو. چيلا رام رام ڪيولاڻي پنجاب ۾ اقليتن جي مذهبي جڳهين جي سڪيورٽي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيلارام ڪيولاڻي قانون سازي بابت چيف جسٽس کي آگاهي ڏني ۽ قومي اقليتي ڪميشن فار منارٽيز جي قانون سازي بابت آگاهه ڪيو چيلا رام ڪيولاڻي پنجاب ۾ اقليتي ڇوڪرين جي جبري مذهب مٽائڻ واري معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيف جسٽس چيلا رام ڪيولاڻي جي قدم جي واکاڻ ڪئي چيف جسٽس چيلا رام ڪيولاڻي ۽ سڄي قومي اقليتي ڪميشن جي خدمتن کي ساراهيو. چيف جسٽس پنجاب وڌيڪ يقين ڏياريو ته سندس مسئلا حل ڪيا ويندا چيف جسٽس پنجاب اھو پڻ چيو ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي جبري مذهب مٽائڻ کان تحفظ فراهم ڪيو ويندو ڇو ته اقليتون به پاڪستاني آهن ۽ اسان کي انهن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن کي برابري جا حق ڏئي ٿو

Read Previous

ڪراچي ۾ سخت ٿڌ جي اڳڪٿي

Read Next

اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن، الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي: شيخ رشيد

Most Popular