لانگ مارچ سان حڪومت ڪيرائي ڏيکاريندس: بلاول جي دعويٰ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته هو لانگ مارچ سان حڪومت ڪيرائي ڏيکاريندو.

يوسف رضا گيلاني سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام جو مطالبو آهي ته اسان هن حڪومت جي خلاف روڊن تي نڪرون ۽ اسان سي اي سي فيصلو ڪري ورتو آهي اسان 27 فيبروري تي حڪومت خلاف نڪرنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جمهوري طريقي سان حڪومت کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اسان عدم اعتماد جي رٿ جي به ڳالهه ڪئي هئي.

سندس چوڻ هو ته اسان وٽ سينيٽ ۾ في الحال گھربل انگ پورو ناهي.

پ پ چيئرمين چيو ته آئين ۽ قانون ۾ ايمرجنسي جي ڪا به گنجائش ناهي، صدارتي نظآم جو شوشو اسان کي ٽرڪ جي بتي پٺيان پوئتي لڳائڻ جي برابر آهي.

قتل جي جوابدار شاهه رخ جتوئي کي ڪيترن ئي مهينن تائين جيل بدران اسپتال ۾ مزا ڪرڻ جي معاملي تي هن چيو ته شاهه رخ جتوئي سميت ڪنهن به قيدي کي علاج جو حق آهي، وڏي وزير ۽ صحت بابت وزير شاهه رخ جتوئي جي معاملي تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

بلاول چيو ته حڪومت رات جي اوندهه ۾ عوام دشمن مني بجيٽ کي زبردستي پاس ڪرايو.

هن چيو ته مني بجيٽ به رات جي اوندهه ۾ پاس ڪئي وئي ۽ اسٽيٽ بينڪ به ايوان کان زبردستي منظور ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ پارليامينٽ کي جوابداه نه هوندي.

Read Previous

4 مهينن کانپوءِ ڪورونا وائرس جا 5 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Read Next

مريم نواز حڪومت کي ڪجهه ڏينهن جي مهمان قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular