مريم نواز حڪومت کي ڪجهه ڏينهن جي مهمان قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز حڪومت کي ڪجهه ڏينهن جي مهمان قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته حڪومت کي هٽائڻ جوطريقيڪار به جلد سامهون اچي ويندو.

هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته وفاقي گھرو وزير کي هٿ مٿي هجڻ جي ڳالهه چوڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟

سندس چوڻ هو ته وزير عمران جي منهن تي سندس بي عزتي ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ ڪابينا ۾ ميمبر بيهي ڪري سندس نااهلي جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن، وزيرن جي بيانن مان ظاهر آهي ته سندن انجام ويجهو آهي.

ن ليگ ۾ بغاوت جي دعوائن کي حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي تان ڌيان هٽائڻ جي سازش قرار ڏيندي مريم نواز چيو ته ن ليگ باهه جي درياهه مان گذري رهي آهي، ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، لالچ ۽ بدترين انتقام جي باوجود ن ليگ جو هڪ هڪ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڀت جيان بيٺل رهيو.

هن چيو ته جڏهن به هن حڪومت جي دور ۾ ڪو سانحو ٿيو ته ذميوار عوام کي قرار ڏنو ويو، مري سانحي ۾ به حڪومت ائين ئي ڪيو.

Read Previous

لانگ مارچ سان حڪومت ڪيرائي ڏيکاريندس: بلاول جي دعويٰ

Read Next

نمبر سيو ڪرڻ کانسواءِ واٽس ايپ تان پيغام موڪلڻ جو طريقو

Most Popular