اومي ڪرون: اسڪولن بابت اهم فيصلو، ملڪ ۾ نيون پابنديون لاڳو

ڪورونا وائرس جو  اومي ڪرون قسم تيزي سان پکڙجڻ سبب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪيسن جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن علائقن ۾ اِن ڊور اجتماعن، 12 ورهين کان گھٽ شاگردن لاءِ 50 سيڪڙوحاضري سميت ٻيون پابنديون لڳايون ويون.

اين سي او سي جو اجلاس منصوبابندي بابت وفاقي وزير عمر ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل محمد ظفر اقبال جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن دوران ملڪ ۾ وبا جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اين سي او سي جون نيون پابنديون 20 کان 30 جنوري تائين جاري رهنديون ان دوران 27 جنوري تي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

پر شادين لاءِ مڙهيل پابنديون 24 جنوري کان لاڳو ٿي 15 فيبروري تائين جاري رهنديون،.

اهڙيءَ طرح انڊور ڊائننگ تي پابندي به 24 جنوري کان لاڳو ٿيندي.

اجلاس ۾ وفاقي اڪائين سان مشاورت ۽ غور کان پوءِ نيٺ بيان ڪيل قدمن تي اتفاق ڪيو ويو.

اهي علائقا جتي ڪيس اچڻ جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

انڊور شادين، ۽ هر قسم جي تقريبن تي پابندي

آئوٽ ڊور شادين، تقريبن ۾ رڳو 300 مهمانن جي شرڪت سان گڏ اجازت

ريسٽورنٽس ۾ انڊور ڊائننگ تي پابندي.

آئوٽ ڊور ڊائننگ جي رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي اجات هوندي.

رڳو مڪمل ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي 50 سيڪڙو گنجائش سان گڏ جمز، سينيما گھرن، تفريحي پارڪن ۽ مزارتن تي وڃڻ جي اجازت.

سڌيءَ ريت رابطي ۾ اچڻ وارين راندين جيئن، ڪراٽي، مارشل آرٽس، رگبي، واٽر پولو، ڪبڊِ ۽ ريسلنگ تي پابندي

12 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جي هڪ ڏينهن ڇڏي هڪ ڏينهن 50 سيڪڙو گنجائش سان گڏ اسڪولن ۾ حاضري جي اجازت.

12 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جي مڪمل ويڪسينيٽڊ هجڻ جي صورت ۾ 100 سيڪڙو حاضري جي اجازت.

اهي علائقا جتي ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 10 سيڪڙو تائين آهي.

Read Previous

اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ، اين سي او سي جو تعليمي ادارن بابت وڏو بيان

Read Next

شوڪت ترين ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular