اتر ڪوريا جو جوهري هٿيارن جا تجربا شروع ڪرڻ تي غور

اتر ڪوريا جوهري هٿيارن جي تجربن تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

اتر ڪوريا خبردار ڪيو آهي ته هو آمريڪا جي خلاف پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۾ بهتري لاءِ معطل ڪيل پنهنجون سڀ عسڪري سرگرميون بحال ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پيونگ يانڪ طرفان اهو اشارو جوهري هٿيارن ۽ ڊگھي مفاصلي تي مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائلن جي تجربن کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڌمڪي آهي. ڪميونسٽ ملڪ طرفان ڪيترن ئي تازن ميزائل ٽيسٽن کان پوءِ آمريڪا ان تي وڌيڪ پابنديون مڙهيون آهن، جنهن سبب ڪورياتي دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ ۾ واضح واڌ ٿي آهي.

Read Previous

پي ايس ايل 7 لاءِ 19 رانديگرن جو ريزرو پول تيار

Read Next

خدا انهن جو به رزق بند ناهي ڪندو جيڪي غافل آهن: عابده پروين

Most Popular