پي ايس ايل 7 لاءِ 19 رانديگرن جو ريزرو پول تيار

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 7 لاءِ 19 رانديگرن جو ريزرو پول تيار ڪري ورتو.

پي سي بي موجب فرنچائيزز ميڊيڪل بنيادن تي ريزرو پليئرز مان رانديگر چونڊينديون، پول ۾ شامل 15 رانديگر ببل ۾ رهندا، 4 کي ايمرجنسي ۾ گھرائي سگھجي ٿو.

پي سي بي موجب ببل ۾ شامل ريزرو پليئرز ۾ عامر جمال، ابرار احمد، عماد بٽ، عماد عالم، بسم الله خان، حسان خان، خالد عثمان، مصدق احمد، ناصر نواز، سلمان علي آغا، طيب طاهر، عمر امين، عمر صديق، عثمان شنواري ۽ وقاص مقصود شامل آهن.

اهڙيءَ طرح امام الحق، عمير بن يوسف، سعودي شڪيل ۽ زاهد محمود ببل کان ٻاهر وارن رانديگرن ۾ شامل آهن.

Read Previous

شاهه محمود قريشي به مهانگائي کي حڪومت لاءِ چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

اتر ڪوريا جو جوهري هٿيارن جا تجربا شروع ڪرڻ تي غور

Most Popular