ڪورونا سبب بالي ووڊ فلم انڊسٽري کي ٿيندڙ نقصان جا انگ اکر جاري

ڪورونا وبا دوران گذريل 2 سالن کان هندستاني فلم انڊسٽري جي ڪمائي ۾ 80 سيڪڙو جي لاڳيتو گھٽتائي ٿي آهي ۽ ان سان 21 هزار ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي.

ان ڪري فيبروري ۾ ٿيندڙ عام بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري لاءِ خصوصي پيڪيج جو مطالبو ڪيو پيووڃي جنهن ۾ ٽيڪس ۾ ڇوث، مراعتون ۽ ٽڪيٽن تي جي ايس ٽي ۾ گھٽتائي جهڙا قدم شامل آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل 2 سالن ۾ فلم انڊسٽري کي تقريبن 21 هزار ڪروڙ يعني ٻه کرب 10 ارب ڀارتي رپين جو نقصان ٿيو آهي. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيٽرز جو ٿيو آهي.

فلم جي رليز کان پوءِ باڪس آفيس جي ڪمائي ۾ 80 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي جڏهن ته پرڏيهه کان ڪمائي به گھٽ ٿي آهي.

ٽي وي رائٽس مان ٿيندڙ ڪمائي به 10سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي آهي ڇو جو نيون فلمون رليز ناهن ٿي رهيون.

رڳو OTT مان ٿيندڙ آمدني ۾ تقريبن 1600 ڪروڙ رپيا واڌ ٿي آهي پر اها صنعت جي نقصان جو ازالو نٿي ڪري سگھي.

فلم انڊسٽري تي ڪورونا جا اثر

ڀارتي ميڊيا موجب 2019ع ۾ جڏهن ڪورونا نه هو ته باڪس آفيس ڪليڪشن 115.2 ارب رپيا هئي پر 2020ع ۾ لاڪ ڊائون سبب رڳو 24.9 ارب ڪمائي ٿي سگھي يعني 80 سيڪڙو جو نقصان ٿيو. اهو ئي رجحان 2021ع ۾ به جاري رهيو.

Read Previous

ايران پهريون ڀيرو آمريڪا سان سڌي ريت ايٽمي ڳالهين تي راضي

Read Next

پاڪستان دوري سبب آسٽريليا جي اهم رانديگرن کي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular