پاڪستان دوري سبب آسٽريليا جي اهم رانديگرن کي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو

Australia’s cricketers celebrate after the dismissal of Bangladesh’s Shakib Al Hasan (not pictured) during the fourth Twenty20 international cricket match between Bangladesh and Australia at the Sher-e-Bangla National Cricket Stadium in Dhaka on August 7, 2021. (Photo by Munir Uz zaman / AFP) (Photo by MUNIR UZ ZAMAN/AFP via Getty Images)

ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان دوري جي تيارين جي تصديق ڪندي ٻن وڏن رانديگرن کي سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب پاڪستان جي دوري سبب ڊيوڊ وارنر ۽ مچل مارش سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شامل ناهن.

هوڏانهن ڪرڪيٽ آسٽريلوي طرفان ٽئي ٽيسٽ ميچون هڪ ئي وينيو تي کيڏڻ تي خواهش سامهون آئي آهي.

آسٽريلوي ميڊيا موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا ٽئي ٽيسٽ ميچون هڪ ئي وينيو تي کيڏڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهيون جاري آهن.

رپورٽ موجب هڪ ئي وينيو تي ٽيسٽ ميچن جو سبب صحت ۽ سيڪيورٽي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ڪراچي، جڏهن ته ٻيون ٻه ميچون راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون.

ٽيسٽ سيريز کانپوءِ 3 ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ لاهور ۾ کيڏي ويندي.

Read Previous

ڪورونا سبب بالي ووڊ فلم انڊسٽري کي ٿيندڙ نقصان جا انگ اکر جاري

Read Next

سانگهڙ ويجهو منگلي ٿاڻي جي 10چڪ ڀرسان نوجوان 24سال شان پڙھياڙ جي نالي سڃاڻپ ٿي لاش هٿ

Most Popular