27 فيبروري کان نڪري اسلام آباد ۾ گڏ ٿيل ڪچرو صاف ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27 فيبروري کان نڪري اسلام آباد ۾ گڏ ٿيندڙ ڪچرو صاف ڪنداسين.

لاڙڪاڻي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر شهر جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڪچري جا مسئلا هئا، خبر پئي ته قائد عوام جي دور کان هيل تائين لاڙڪاڻي جي آبادي ۾ واڌ ٿي، مرتضيٰ وهاب کي ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ سان ڪراچي ۾ بهتري آئي، هاڻ لاڙڪاڻي مان ڪچرو کنيو ويندو، عوام سهڪار ڪري ته جيئن گڏجي پنهنجي شهر کي صاف ڪري سگهون، شهرين جي سهڪار بنا اهو ڪم ممڪن ناهي.

هن چيو ته ڪجهه سياسي عنصر آهن، جيڪي سازشون ڪن ٿا، اسان کي پنهنجو ڪم جاري رکڻو آهي، 27 فيبروري کان نڪري اسلام آباد ۾ گڏ ٿيل ڪچرو به صاف ڪنداسين.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي شهر جي تقريبن 6 لک تائين آبادي تي ٻڌل 20 يونين ڪميٽين ۽ 4 ٽائونز جي گهر گهر مان روز 400 ٽن ڪچرو کڻڻ جي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي منصوبي جو افتتاح ڪيو.

Read Previous

آئما بيگ جي به ٽڪ ٽاڪ تي اينٽري

Read Next

ايندڙ ٻن ٽن مهينن تائين مهانگائي گهٽ نه ٿيندي: شوڪت ترين

Most Popular