ايندڙ ٻن ٽن مهينن تائين مهانگائي گهٽ نه ٿيندي: شوڪت ترين

ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ايندڙ ٻن ٽن مهينن تائين مهانگائي گهٽ نه ٿئي.

پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته ڪورونا سبب ڏکيائيون پيش آيون، معيشت جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، حڪومت پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ وئي ته سخت شرط رکيا ويا، وزيراعظم هڪ غير مقبول پر سٺو فيصلو ڪيو، وزيراعظم جي ويزن تحت سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو، هاڻ برطانوي وزيراعظم به چئي رهيو آهي ته ملڪ بند نه ڪنداسين.

هن چيو ته 2021 ۾ گروٿ ريٽ 5.37 سيڪڙو رهيو، ڪو به ايتري گروٿ ريٽ جي اميد نه ڪري رهيو هو، منهنجي خيال ۾ هن سال 5 سيڪڙو تائين گروٿ هوندي، 31 ارب ڊالرن جون شيون ۽ ساڍا 3 ارب ڊالرن جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ ڪنداسين، اسٽيٽ بئنڪ کان 2019 کان ڪو قرض ناهي ورتو پر ان کي 18.5 ٽريلين رپيا واپس ڪيا ويا.

سندس چوڻ هو ته ٽيڪس وصوليون هدف کان 13 سيڪڙو وڌيڪ رهيون، ٻه ڪروڙ گهراڻن کي احساس راشن تحت شين تي سبسڊي ڏينداسين، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ماهوار 10 ارب رپين جو قرض ڏينداسين.

شوڪت ترين مهانگائي کي امپورٽڊ قرار ڏيندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه 90 سيڪڙو تائين وڌيا، تيل اگهه وڌڻ سان واپاري خسارو وڌيو، افغان بحران سبب به اسان جي ڪرنسي تي دٻاءُ آيو، هاڻ معيشت درست رستي ڏانهن وڌي رهي آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته پگهاردار طبقو ۽ لوئر اربن مڊل ڪلاس تڪليف ۾ آهي، انهن جي آمدني وڌائڻ لاءِ قدم کڻنداسين پر ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ اگهه هيٺ نه اچن.

Read Previous

27 فيبروري کان نڪري اسلام آباد ۾ گڏ ٿيل ڪچرو صاف ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگرديءَ جي ماءُ آهي: منير اڪرم

Most Popular