ماڌوري جي پهرين ويب سيريز جي رليز تاريخ جو اعلان

اداڪارا ماڌوري دڪشت جي پهرين ويب سيريز ”دي فيم گرل“ جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ان بابت ماڌوري پاڻ ويب سيريز جو پوسٽر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي.

”دي فيم گيم“ سيريز جو پريميئر نيٽ فليڪس تي 25 فيبروري تي ٿيندو.

ڪرشما ڪوهلي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل ان سيريز ۾ ماڌوري کانسواءِ سنجي ڪپور، مانول ڪول، لڪسوير سرن، سوهانسي مولي، مسڪان جعفري جهڙا اداڪار به نظر ايندا.

Read Previous

وڏي وزير جو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان رابطو، ڪراچي واقعي تي افسوس جو اظهار

Read Next

يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شيون مهانگيون ڪرڻ جو تياريون

Most Popular