وڏي وزير جو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان رابطو، ڪراچي واقعي تي افسوس جو اظهار

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير امين الحق کي فون ڪري گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ کي چيو ته ان قسم جا واقعا ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گھرجن، سياسي اختلاف ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي طريقي سان حل ڪيا وڃن.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ان واقعي کي لسانيت جو رنگ نه ڏنو ويندو، ٻنهي پاسن کان لسانيت جي حوالي سان بيانن جي به مذمت ڪئي وئي.

مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم اڳواڻ کي خاطري ڪرائي ته پوسٽ مارٽم ڪرڻ سان موت جو به سبب هوندو اهو سامهون اچي ويندو.

وفاقي وزير امين الحق ٽنڊوالهيار واقعي تي حڪومتي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ۾ ائينده ان قسم جي صورتحال پيدا نه ڪرڻ تي اتفاق ٿيو.

وڏي وزير چيو ته آئون ان واقعي جي انڪوائري ڪندس، انڪوائري ۾ جيڪو به ملوث نڪتو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.

مراد علي شاهه امين الحق کي نئين بلدياتي قانون تي ڳالهه ٻولهه جي آڇ به ڪئي، جنهن تي امين الحق چيو ته پارٽي سان مشاورت ڪري جواب ڏيندس.

وڏي زير ايم ڪيو ايم پاڪستان جي زخمي ٿيل ايم پي اي صداقت حسين کي به فون ڪيو ۽ هن کان طبيعت بابت دريافت ڪيو.

Read Previous

غريب کي طاقتور جي مقابلي ۾ انصاف ملندو ته خدا جي برڪت ايندي: عمران خان

Read Next

ماڌوري جي پهرين ويب سيريز جي رليز تاريخ جو اعلان

Most Popular