سنڌ جي عظيم عوامي انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ ٽئين ڏينهن به جشن گدائي ادبي ميلو جاري رھيو

ٺل رپورٽر خير محمد گولو سنڌ جي عظيم عوامي انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ ٽئين ڏينهن به جشن گدائي ادبي ميلو جاري رھيو،مھان ڪوي جي شاعري جي مھانتا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ ڪل سنڌ گدائي ادبي ڪانفرنس ۾ ناليوارن اسڪالرن دانشورن ليکڪن ۽ قلمڪارن گدائي جي فن فڪر زندگي ۽ شاعري تي ڀرپور روشني وڌي،گدائي ادبي ڪانفرنس جي پھرين نشست جي صدارت ناليواري محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ڪئي خاص مھمان ناليوارو دانشور فھيم نوناري اعزازي مھمان نوجوان ليکڪ ھمير چانڊيو گدائي ميلا ڪاميٽي جو چيئرمين اصغر سجاڳ ۽ پريس ڪلب ٺل جو صدر مجيد نوناري ھئا ڪانفرنس جي ڪارروائي نوجوان ڪالم نگار عرض بنگلاڻي ھلائي ادبي ڪانفرنس ۾ صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو چيو تہ 1901 ۾ ۾ چئن اھم شخصيتن جنم ورتو،ان سال سنڌ جي آواز جي ڪوئل جيوڻي ٻائي،ڊاڪٽر غلام جيلاني برق،شھيد الله بخش سومرو ۽ عبدالڪريم گدائي پيدا ٿيا،ويھين صدي ادب ۽ سياست جي صدي آھي جنھن اٿل پٿل ۽ ھلچل مچائي ڇڏي،جليانوالا باغ ۾ جنرل ڊائر جي قتلام تي گدائي بدليو ۽ سندس شاعري جو رخ انقلاب ڏي تبديل ٿي ويو جشن گدائي جي روح روان اصغر سجاڳ کي ڏسندو آهيان ته گدائي ياد اينڌو آھي،ھي ٺل وارن جو گدائي سان عشق چئبو جن مسلسل چوٿون گدائي ادبي ميلو منعقد ڪيو آھي خاص مھمان فھيم نوناري چيو ته جشن گدائي سنڌ جو وڏو ادبي ڪاڄ آھي ٺل وارن ھڪ تاريخ رقم ڪئي آھي گدائي بغاوت جو شاعر آھي جنھن جي شاعري گاج ٿي گجي ٿي ۽ کنوڻيون ٿي کجي ٿي،سنڌ کي گدائي جي خواب جي ساڀيان ڪرڻ آھي ھمير چانڊيو چيو ته ڌرتي جا عاشق اڄ گدائي جا مداح آهن گدائي ھر قسم جي ڦرلٽ ۽ اوچ نيچ خلاف لکيو شاعر پنھنجي دور جو پيغمبر ھوندو آھي فڪري حوالي سان اياز ۽ گدائي گڏ بيٺل آھن گدائي جي شاعري ۾ حسن عشق ۽ حيات جا جلوا آھن گدائي ادبي ڪانفرنس جي ٻين نشست جي صدارت ناليواري شاعر ادل سومرو ڪئي خاص مھمان سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل مختيار ملڪ اعزازي مھمان دانشور ۽ ليکڪ محبوب سومرو ۽ حاڪم ڪٽوھر ھئا صدارتي خطاب ۾ ادل سومرو چيو تہ تخليقڪار پنھنجي فڪري محاذ جدوجهد ڪندا آهن ۽ گدائي بہ ھڪ فڪري شاعر ھو جنھن وطن ۽ ان جي ڏتڙيل ماڻهن سان پيار ڪيو،گدائي ۾ ڪردار جي بلندي ھئي ۽ ھي حوصلن ۽ اميدن جو شاعر ھو ھن چيو تہ اھا بہ مزاحمت آهي تہ ڦورو قوتن کان نفرت ڪجي،جشن گدائي ھڪ لاٽ آھي جنھن کي اجھامڻ نہ ڏجي خاص مھمان مختيار ملڪ چيو تہ گدائي روايتي شاعريءَ کان نڪري روشن خيالي طرف آيو تہ ڏاڍو سو گابو واري نظام کي لوڏي ڇڏيائين ھي ھارين ۽ پورھيت طبقي جو شاعر ھو، اسان وٽ ھاري ئي کيڙي پوکي جڳ کي جيئرو رکي ٿو پر ان جو پاند زندگي جي خوشين کان محروم آھي گدائي ان ئي پيڙھيل طبقي جو شاعر آھي، محبوب سومرو چيو تہ گدائي جي شاعري ء فڪر کي سمجھڻو پوندو،اسان کي گدائي جي گونج کي گھر گھر پھچائڻو آھي.گدائي ادبي ڪانفرنس ۾ اصغر سجاڳ مجيد نوناري حاڪم ڪٽوھر اي ڪي مغل گوھر سرڪي عبدالله نوناري برڪت لاشاري ۽ ٻين گدائي جي فن ۽ فڪر تي مقالا ۽ مضمون پڙھي گدائي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ناليوارن راڳين استاد شبير ميمڻ ھادي بخش گوپانگ ۽ نادر بلوچ ڪورس جي انداز ۾ گدائي جا گيت پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو ڪانفرنس ۾ نوجوان شاعر حاڪم ڪٽوھر جي شعري مجموعي سڏڪا منھنجي ساھ جا جو مھورت ڪيو ويو
اخر ۾ ٺھراء پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته ڊگري ڪاليج ٺل جو نالو گدائي ڊگري ڪاليج رکيو وڃي، سنڌ جي يونيورسٽين۾ گدائي چيئر ۽ سنڌالاجي ۾ گدائي ڪارنر قائم ڪيو وڃي ۽ گدائي جي شاعري کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي جشن گدائي جي سلسلي م سڀاڻي گدائي مچ ڪچھري ۽ سنگيت محفل منعقد ٿيندي

Read Previous

فيروز خان اداڪاري کان پوءِ گلوڪاري لاءِ تيار

Read Next

مٽياري ضلعي جي شهيد بينظير ڀٽو آر او پلانٽ اسڪيم مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي

Most Popular