مٽياري ضلعي جي شهيد بينظير ڀٽو آر او پلانٽ اسڪيم مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي

مٽياري رپورٽر مٽياري ضلعي جي شهيد بينظير ڀٽو آر او پلانٽ اسڪيم مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي ، بند توڙي خراب پيل آر او پلانٽ مرمت ڪرڻ سميت سالن کان رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن ، مٽيء جي تيز طوفان سبب سولر پليٽون تباھ ٿي ويون آهن جيڪي پڻ نيون جاري ڪيون وڃن ۔ آر او پلانٽ جي ملازمن جو مطالبو، خبر موجب. مٽياري ضلعي ۾ شهيد بينظير ڀٽو اسڪيم تحت هلندڙ واٽر فلٽر آر او پلانٽ يونين ملازمن جي اڳواڻن جاويد ڪاڪا ، حاجي خان ملاح ، سيد علي گوهر شاه ، حبيب الله فراش ، خالد حسين روجهاڻي ، الطاف ابڙو ، عاشق حسين ڪوريجو ۽ ٻين گذريل ڏينهن پريس ڪلب هالا تي احتجاج ڪندي چيو ته مٽياري ضلعي ۾ شهيد بينظير ڀٽو اسڪيم جي نالي سان آر او واٽر فلٽر پلانٽ ڪيتري ئي وقت کان ٺيڪيداري نظام تحت هلي رهيا آهن جنهن سبب ملازمن جون پگهارون وقت سر جاري نه ٿيون ٿي سگهن هنن چيو ته مٽيء جي تيز طوفان سبب ڪيترن ئي آر او پلانٽن جون سولر پليٽون پڻ تباھ ۽ ناڪاره بنجي ويون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي فلٽر پلانٽن جي بجلي پڻ ڪٽجي چڪي آهي جنهن سبب ڪيترائي آر او پلانٽ بند ٿيڻ سبب عوام کي صاف پاڻي مهيا نه ڪري سگهيا آهيون هنن چيو ته اسان وقتن به وقتن احتجاج ڪري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندا رهيا آهيون ته مٽياري ضلعي جي ٺيڪيداري آر او پلانٽ نظام کي ختم ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ضم ڪري اسان جون رهيل پگهارون جاري ڪري اسان کي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي هنن چيو ته خراب ٿيل پلانٽ مرمت ڪرڻ سان گڏ بند پيل پلانٽ پڻ کولي ڏنا وڃن هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ، وڏي وزير سيد مراد علي شاه ، ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ، صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن.

Read Previous

سنڌ جي عظيم عوامي انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ ٽئين ڏينهن به جشن گدائي ادبي ميلو جاري رھيو

Read Next

هٿ ٺوڪئي کي ڀڄائڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪري اسلام آباد وينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular