ڪاليج ۾ هڪ شخص سان محبت ٿي جيڪو هاڻ سٺو دوست آهي: عائشا عمر

اداڪارا عائشا عمر انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي ڪاليج ۾ هڪ شخص سان محبت ٿي وئي هئي جيڪو اڄ سندس سٺو دوست آهي.

عائشا عمر خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام جي مهمان بڻي جنهن ۾ اداڪارا مختلف سيگمينٽس ۾ دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا.

اداڪارا کان پاڪستان جي عوام جي سوچ بابت سوال ڪيو ويو ته ڪيترا سيڪڙو پاڪستاني سمجهن ٿا ته ڪاليج جي محبت جي پڄاڻي شادي تي ٿيندي آهي جنهن جي جواب ۾ عائشا 15 سيڪڙو نمبرن جي چونڊن ڪئي.

ان کان پوءِ عائشا عمر اعتراف ڪيو ته مون کي به ڪاليج ۾ محبت ٿي هئي، منهنجي محبت هڪ پاسي واري نه هئي ۽ سڄي ڪاليج کي خبر هئي پر هن جي شادي ٿي وئي ڇو جو آئون ان وقت شادي لاءِ رضامند نه هيس.

اداڪارا ٻڌايو ته هن بابت ڪو به نٿو ڄاڻي، هن وقت هو منهنجو سٺو دوست آهي ۽ مزي سان پنهنجي شادي شدهه زندگي گھاري رهيو آهي ۽ آئون هن لاءِ گھڻي خوش آهيان.

اداڪارا اهو به چيو ته هو دنيا جو بهترين انسان آهي ۽ جيڪڏهن هو هن وقت مون کي ڏسي رهيو هوندو ته سڃاڻي ويندو ته آئون هن بابت ڳالهائي رهي آهيان.

عائشا عمر کان جڏهن پڇيو ويو ته بريڪ اپ ڪهڙي سبب جي ڪري ٿيو ته هن ٻڌايو ته اهو ٻنهي جو گڏيل فيصلو هو.

Read Previous

پنوعاقل جا معذور بنيادي حقن کان محروم،احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا

Read Next

هانيا عامر ۽ فرحان سعيد به پشاور زلمي جا برانڊ ايمبيسڊر بڻجي ويا

Most Popular