پنوعاقل جا معذور بنيادي حقن کان محروم،احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا

پنوعاقل( رپورٽ طفيل آفتاب ڪورائي) پنوعاقل جا معذور بنيادي حقن کان محروم،احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، مسلسل احتجاج ڪندا پيا اچون پر ڪو دانھن ٻڌڻ وارو ناھي_معذور خبر موجب پنوعاقل سان واسطو رکندڙ معذور نوجوانن کي بنيادي حق نه ملڻ سبب وڏي عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ڪو دانھن ٻڌڻ وارو ناھي ان سلسلي۾ معذورن بينظير پارڪ ۾ احتجاج ڪيو،سيد ڪفايت الله،نعمت الله ميراڻي،بيوس منظور چاچڙ ۽ ٻين چيو ته اسان ڪيترائي دفعا پنھنجي معذور ڪوٽا تي نوڪرين لاء انٽرويو ڏناسون پر نظرانداز ڪيو ويو ۽ من پسند ڀرتيون ڪيون ويون،اسان کي مسلسل نظر انداز ڪيو وڃي ٿو اسان احتجاج ڪيون ٿا ته چونڊيل نمائنده به نظرانداز ڪن ٿا جيڪڏھن اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ته عدالت جو درکڙڪائينداسون

Read Previous

اسلامو فوبيا قبولڻ جوڳي نه آهي: ڪينيڊين وزيراعظم

Read Next

ڪاليج ۾ هڪ شخص سان محبت ٿي جيڪو هاڻ سٺو دوست آهي: عائشا عمر

Most Popular