شرميلا فاروقي جي شڪايت تي ناديا خان طلب

پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ سنڌ جي اڳوڻي ثقافت بابت وزير شرميلا فاروقي جي شڪايت تي وفاقي محتسب اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان کي طلب ڪري ورتو.

شرميلا فاروقي طرفان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وفاقي محتسب جي آرڊر جي ڪاپي موجب ناديا خان کي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي ماءُ سان گڏ گذريل مهيني نامناسب انداز ۾ وڊيو ٺاهڻ تي طلب ڪيو ويو.

وفاقي محتسب ناديا خان کي 4 فيبروري تي طلب ڪيو آهي جڏهن ته کيس ڄاڻايل معاملي تي وڌيڪ ڪو به بيان ڏيڻ کان به روڪيو ويو آهي.

Read Previous

ڪينيڊين وزيراعظم ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن: شيخ رشيد

Most Popular