ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن: شيخ رشيد

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن.

سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد شرڪت ڪئي.

شيخ رشيد ڪميٽي کي ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن، ڪالعدم تنظيم جيڪي شرط رکيا هئا اهو قبول ڪرڻ جوڳا نه هئا جڏهن ته سيز فائر ڪالعدم تنظيم پاڻ ختم ڪيو.

هن چيو ته هاڻ وري اسان جو وفد ڳالهه ٻولهه لاءِ ويو آهي پر اطلاع آهن ته ڳالهيون ڪامياب نه ٿينديون، هاڻ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان جنگ ٿيندي، ان کانسواءِ ڪو به رستو نه آهي.

سندس چوڻ هو ته نوشڪي ۽ پنجگور ۾ وڏي تباهي جي منصوبابندي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي جڏهن ته اسلام آباد ۾ ماريل ٻئي دهشتگرد انهيءَ تنظيم جا هئا.

وفاقي گھرو وزير جو چوڻ هو ته اهي ماڻهو افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ موجود آهن، ڪجهه ٻين نون گروپن به ان ۾ شموليت ڪئي آهي جڏهن ته اهي ماڻهو ڀارت ۽ افغانستان سان رابطي ۾ آهن.

Read Previous

شرميلا فاروقي جي شڪايت تي ناديا خان طلب

Read Next

ڀارتي آرمي چيف جي طاقت جي بنياد تي جنگ بندي جي دعويٰ بي بنياد آهي: آءِ ايس پي آر

Most Popular