سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب، وزيراعظم عمران خان جي شرڪت

سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب بيجنگ ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان به شريڪ ٿيو.

وزيراعظم عمران خان سان سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ شريڪ هئا.

چيني صدر شي جن پنگ به تقريب ۾ موجود هو جڏهن ته تقريب ۾ روسي صدر پيوٽينسميت 20 کان وڌيڪ عالمي سربراهن شرڪت ڪئي.

پاڪستاني جٿي جي اسٽيڊيم آمد تي شوقينن طرفان آجيان ڪئي وئي، پاڪستان جٿي ۾ هڪ ايٿليٽ ۽ پنج آفيشل شامل آهن.

Read Previous

فاسٽ بالر محمد حسنين جو بالنگ ايڪشن غيرقانوني قرار

Read Next

سنڌ ۾ ڪورونا ٽيسٽ جي نئين قيمت مقرر

Most Popular