موسيقي جي هڪ دور جي پڄاڻي، ليجنڊ گلوڪارا لتا منگيشڪر دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو

جڳ مشهور ڀارتي گلوڪارا لتا منگيشڪر لاڏاڻو ڪري وئي.

ڀارتي ميڊيا ڪيترن ئي مهينن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ گلوڪارا جي لاڏاڻي کي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

1929ع ۾ ڄاول 92 ورهين جي گلوڪارا کي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ سبب 9 جنوري کان ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي هو علاج هيٺ رهي.

گذريل ڏينهن لتا منگيشڪر جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ٻيون ڀيرو آءِ سو يو منتقل ڪيو ويو هو پر هوءَ صحتمند نه ٿي سگھي.

ڀارتي ميڊيا موجب لتا منگيشڪر مختلف عضون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ هوءَ ڪيترن ئي هفتن کان وينٽيليٽر تي هئي.

ٻه ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان

لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي تي ڀارت ۾ ٻه ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ لتا منگيشڪر جي ياد ۾ ڀارتي جهنڊو به ٻه ڏينهن نه ڦڙڪايو ويندو.

Read Previous

سانگهڙ پريس ڪلب آڏو خاصخيلي برادري جھول پوليس جي خلاف احتجاجي مظاهرو پوليس منهنجي نوجوان پٽ کي گم ڪري ڇڏيو

Read Next

پي ايس ايل ۾ دفاعي چيمپيئن ملتان سلطانز جي زبردست ڪارڪردگي، مسلسل پنجين ميچ ۾ فتح

Most Popular