پي ايس ايل ۾ دفاعي چيمپيئن ملتان سلطانز جي زبردست ڪارڪردگي، مسلسل پنجين ميچ ۾ فتح

پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز طرفان بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي ۽ ان پشاور زلمي کي شڪست ڏئي مسلسل 5 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان وهاب رياض ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو.

دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز جي اوپنرن 85 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، شان مسعود 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر محمد رضوان بهترين بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ 53 بالن تي 82 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي پويلين موٽيو.

صهيب مقصود 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ٽم ڊيوڊ رڳو 19 بالن تي 51 ۽ خوشدل شاهه 7 بالن تي 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا.

ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان 222 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ پشاور زلمي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهي سگهي، اهڙي ريت ملتان سلطانز ميچ ۾ 57 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ايونٽ ۾ مسلسل پنجين فتح حاصل ڪري ورتي.

ملتان سلطانز طرفان شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عمران طاهر بهترين بالنگ ڪرائيندي 3-3 وڪيٽون ورتيون.

Read Previous

موسيقي جي هڪ دور جي پڄاڻي، ليجنڊ گلوڪارا لتا منگيشڪر دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو

Read Next

روس وڏي حملي جي تياري ۾ آهي: آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ

Most Popular