ٺل شهر ۾ بدامني وڌي وئي،ڪاروباري طبقو پريشان،امن جي بحالي جي لاءِ نوجوان اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو

ٺل(رپورٽر)ٺل شهر ۾ بدامني وڌي وئي،ڪاروباري طبقو پريشان،امن جي بحالي جي لاءِ نوجوان اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو،شهر ۾ امن امان بحال ڪرائڻ جو مطالبو،خبر موجب ٺل شهر ۾ وڌندڙ بدامني جي ڪري ڪاروباري طبقو پريشان ٿي رهيو آهي،ڪالهه ٺل جي جي شهرين پاران ٺل جي ڊگري ڪاليج روڊ تي قائم سنڌو ريسٽورنيٽ تي اجلاس طلب ڪيو،جنهن ۾ ٺل شهر جي نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي نوجوان اتحاد جو بنياد رکيو ويو،نوجوان اتحاد پاران وڌندڙ بدامني جي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،مظاهرين پوليس انتظاميه جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن حامد مير گولو،نويد عباسي،اسحاق لاشاري،عطاءُ الله نوناري،ذوالفقار نوناري،باسط ڊول،ڪامران نوناري،صابر مهر، خالد چنو ۽ ٻين چيو ته ٺل شهر ۾ پوليس انتظاميه امن امان نه ڪرائي سگهي آهي،جنهن ڪري ڦر ۽ چوري جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن،ڪاروباري طبقو سخت پريشان آهي،هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

هٿرادو فيس ماسڪ ۾ ڪهڙيون شيون استعمال ڪرڻ گھرجن ڪهڙيون نه!

Read Next

نئين ڪوٽ ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو، ٻن ڇوڪرين سان 20 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

Most Popular