هٿرادو فيس ماسڪ ۾ ڪهڙيون شيون استعمال ڪرڻ گھرجن ڪهڙيون نه!

بيوٽي ماسڪ اڄ جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ خوبصورتي جي شين مان هڪ آهي. جلد کي هائڊريٽ ڪرڻ کان وٺي داغن ۽ داڻن کي ختم ڪرڻ تائين، فيس ماسڪ جي استعمال جي هڪ مختلف رينج آهي.

انهن جي مقبوليت ۾ اضافي سان گڏ، گھڻا ماڻهو گھريلو بيوٽي ماسڪ جي چونڊ ڪري رهيا آهن پر ماهرن جو چوڻ آهي ته گھر ۾ تيار ٿيندڙ سڀ فيس ماسڪ اوهان جي جلد لاءِ بهترين چونڊ نٿا ٿي سگھن.

هتي ماهر ٻڌائي رهيا آهن ته عورتن کي گھر ۾ تيار ٿيندڙ فيس ماسڪ ۾ بورچي خاني جي ڪهڙين جُزن جو استعمال نه ڪرڻ گھرجي ڇو جو جيڪڏهن اوهان اهي جُز پنهنجي فيس ماسڪ ۾ شامل ڪندا ته اوهان جي جلد خراب ٿي سگھي ٿي.

فيس ماسڪ ۾ شامل ڪرڻ وارا جُز:

ليمو

دار چيني

مصالحا

صوف جو سرڪو

کاڄرو تيل

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي جُز اوهان کائڻ جي پليٽ ۾ ٿي سگھن ٿا پر اوهان جي چهري تي نه ڇو جو انهن جُزن جي استعمال سان اوهان جي جلد تي ايڪني، داڻا، انفيڪشن ۽حساسيت پيدا ٿي سگھي ٿي.

گھر ۾ تيار ڪيا ويندڙ مختلف فيس ماسڪ:

ايڪني ماسڪ:

ايڪني هڪ عام مسئلو بڻجي ويو آهي جڏهن ته ايڪني سان گڏ ئي بليڪ هيڊز، وائيٽ هيڊز ۽ جلد جي ٻين مسئلن کي به منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

پر، بيضي جي اڇاڻ ۾ موجود پروٽين جلد تي موجود بيڪٽيريا کي مارڻ ۽ داغن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.

جُز:

2 کان 3 بيضن جي اڇاڻ

هدايتون:

1-بيضي جي اڇاڻ کي زردي کان ڌار ڪريو ۽ بيضي جي اڇاڻ کي هڪ پيالي ۾ رکو

2-هڪ ڪپهه جو ڳوڙهو ٺاهي ان کي پيالي ۾ ٻوڙيو ۽ بيضي جي اڇاڻ کي پنهنجي چهري تي لڳايو

3-ماسڪ کي 10 کان 15 منٽن تائين لڳل رهڻ ڏيو

4-هلڪي گرم پاڻي سان چهرو ڌوئي موئسچرائزر لڳايو

خشڪ جلد جو ماسڪ:

هائڊريٽنگ فيشل ماسڪ اوهان جي جلد جي نمي برقرار رکڻ، ڦڪاڻ ۽ خارش کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

جُز:

1-اڌ ڪپ کيرو

2-2 چمچا ايلو ويرا جيل

هدايتون:

1-کيري کي بلينڊ ڪريو ۽ ايلو ويرا جيل سان گڏ ملايو

2-پيسٽ کي پنهنجي چهري تي لڳائي هوريا هوريا مساج ڪريو

3-ان کي 30 منٽن تائين لڳائي رهڻ ڏيو ۽ پوءِ پاڻي سان ڌوئو

Read Previous

علي امين گنڊاپور جي چونڊ مهم ۾ شرڪت تي پابندي، ڀاءُ نااهل قرار

Read Next

ٺل شهر ۾ بدامني وڌي وئي،ڪاروباري طبقو پريشان،امن جي بحالي جي لاءِ نوجوان اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو

Most Popular