عمر امين گنڊاپور جي نااهلي جو حڪم معطل، اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان عمر امين گنڊاپور کي نااهل ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ عمر امين گنڊاپور کي ڊيرا اسماعيل خان جي سٽي ميئر جي چونڊ لاءِ نااهل قرار ڏنو هو، جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.

عمر امين اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ سان گڏ فيصلي جي معطلي جي متفرق درخواست به داخل ڪرائي.

درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، چيف اليڪشن ڪمشنر، ريجنل اليڪشن ڪمشنر ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ کي به ڌر بڻائيندي چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن شفافيت جا تقاضا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، قانون موجب شڪ جو فائدو اميدوار کي ملڻ گهربو هو، سمري انڪوائري بنا ضابطن جي ڀڃڪڙي قرار نٿي ڏئي سگهجي.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته علي امين گنڊاپور جي حد تائين اليڪشن ڪميشن جو آرڊر آن فيلڊ رهندو.

پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 11 فيبروري تائين جواب گهري ورتو.

Read Previous

نئين ڪوٽ ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو، ٻن ڇوڪرين سان 20 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

Read Next

پاڪستان دورو: آسٽريليا ٽيسٽ سيريز لاءِ مضبوط اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular