پاڪستان دورو: آسٽريليا ٽيسٽ سيريز لاءِ مضبوط اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Australia’s cricketers celebrate after the dismissal of Bangladesh’s Shakib Al Hasan (not pictured) during the fourth Twenty20 international cricket match between Bangladesh and Australia at the Sher-e-Bangla National Cricket Stadium in Dhaka on August 7, 2021. (Photo by Munir Uz zaman / AFP) (Photo by MUNIR UZ ZAMAN/AFP via Getty Images)

آسٽريليا ايندڙ مهيني پاڪستان خلاف 3 ميچز تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز لاءِ پنهنجي مضبوط اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آسٽريليا جي ٽيم تقريبن 25 ورهين کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندي ۽ آسٽريليا طرفان اها سيريز 2019ع جي ايشز سيريز ۾ انگلينڊ سان مقابلو ڪرڻ بعد ٽيسٽ ميچز لاءِ پهريون غير ملڪي دورو هوندو.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 4 مارچ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي، ٻي ميچ 12 مارچ کان ڪراچي ۾ ٿيندي، جڏهن ته آخري ٽيسٽ جي ميزباني 21 مارچ کان لاهور ڪندو.

آسٽريليا جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، ايشٽن ايگر، اسڪاٽ بولينڊ، ايليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، مارڪس هيرس، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، جوش انگليس، عثمان خواجا، مارنس لبوشين، نيٿن ليون، مچل مارش، مائيڪل نيسر، اسٽِيو سمٿ، مچل اسٽارڪ، مچل سويپسن ۽ ڊيوڊ وارنر شامل آهن.

Read Previous

عمر امين گنڊاپور جي نااهلي جو حڪم معطل، اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

Read Next

قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتي سيٽون وڌائڻ جي درخواست رد

Most Popular