پنوعاقل مان اغوا ٿيل معصوم حافظ قرآن نينگر ھدايت الله جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

پنوعاقل( رپورٽ طفيل آفتاب ڪورائي) پنوعاقل مان اغوا ٿيل معصوم حافظ قرآن نينگر ھدايت الله جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، عباسي اتحاد،پاڪستان شھيد ڀٽو،سنڌ ملاح فورم ،تحريڪ انصاف،ھيومن رائيٽس،جميعت علماء سميت مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن جي شرڪت،ريلي اسپورٽس ڪامپليڪس کان ڪڍي وئي جيڪا نيشنل ھائي وي روڊ کان ٿيندي بائجي چوڪ وٽان شھر ۾ داخل ٿي،ريلي ۾ شريڪ ماڻھن معصوم نينگر جي حق ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي شھر ۾ موجود عوام کي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو،ريلي پنوعاقل پريس ڪلب پھتي ته ھڪ جلسي جو منظر پيش ڪرڻ لڳي جتي مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو،پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جي اسحاق جسڪاڻي،روشن ملڪ،جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا علي اڪبر عباسي، عباسي اتحاد جي ڊاڪٽر دوست محمد ،مولانا رفيق ميراڻي، ھيومن رائيٽس جي ڊاڪٽر عبدالطيف ميراڻي، سنڌ ملاح فورم جي نجيب الله ميراڻي ، تحريڪ انصاف جي پرويز ڪلوڙ،خيرالدين انڊھڙ،عوامي اتحاد جي غلام رسول چاچڙ،سماجي اڳواڻن لالا شعبان ٿھيم،مجيد جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته پنوعاقل ۾ بدامني عروج تي آهي چوريون ڌاڙا اغوا سميت مختلف وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن،پنوعاقل مان ٻھ سڳا ڀائر اغوا ٿيل آھن جيڪي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ئي ڪو نه ٿيا آھن ته وري ڪلھوڙا برادري جو معصوم نينگر اغوا ڪيو ويو آهي،غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ۾ بلڪل ناڪام وئي آھي اسان کي مجبور ٿو ڪيو وڃي ته پنھنجي حفاظت پاڻ ڪيون جيڪڏھن واقعي ۾ پوليس تحفظ نه ٿي ڪري سگھي ته اسان پنھنجي تحفظ لاء ھٿيار کڻنداسون

Read Previous

حريم شاهه جو مڙس سنڌ پوليس جو برطرف سپاهي نڪتو، رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف

Read Next

دهشتگردن جي مددگارن ۽ ساٿين جي باقيات کي ختم ڪنداسين: آرمي چيف

Most Popular