حريم شاهه جو مڙس سنڌ پوليس جو برطرف سپاهي نڪتو، رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف

رپورٽ موجب فون لوڪيشن ۽ انٽيليجنس رپورٽ ۾ بلال شاهه جو ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ ثابت ٿيو آهي، 21 سيپٽمبر 2021ع تي ايس ايس پي هيڊ ڪوارٽر سائوٿ عرفان زمان بلال شاهه جي خلاف انڪوائري شروع ڪئي ۽ 3 شوڪاز نوٽيس موڪليا، ڪنهن به نوٽ جو جواب نه ڏيڻ تي بلال کي ملازمت تان برطرف ڪيو ويو.

ذريعن ٻڌايو ته بلال شاهه قيوم آباد جي ڪچي آبادي جو رهواسي آهي ۽ ڪجهه مهينا اڳ ئي ڊفينس ۾ رهائش اختيار ڪئي، بلال شاهه ڪانسٽيبل طور بلاول هائوس ۾ رهيو  جنهن تي هن پنهنجون تصويرون ڪيترن ئي سياسي شخصيتن سان ڪڍرايون.

سپاهي بلال شاهه وٽ ويگو گاڏي ڪٿان آئي، ايتري مهانگي واچ ۽ شاهاڻن خرچن تي پوليس آفيسر به حيران آهن.

ذريعن ٻڌايو ته بلال شآهه جو ڀاءُ به منشيات فروشن سان رابطن تي پوليس مان برطرف ٿي چڪو آهي ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي ۾ منشيات فروشي ۾ گرفتار به ٿيو هو.

بلال شاهه عدالت سان رابطو ڪيو:

حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه پنهنجي مٿان لڳايل پوليس رپورٽ ۾ الزامن خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي.

بلال شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته هنن جو هن وقت پوليس سميت ڪنهن به سرڪاري کاتي سان واسطو نه آهي.

بلال شاهه جو چوڻ هو ته شوق لاءِ پوليس ڀرتي ٿي ويو هيس پر ويندو نه هيس.

آئون ميرٽ تي ڀرتي ٿيو هيس

هن دعويٰ ڪئي ته پوليس جون نوڪريون پيسا ڏئي خريد ڪري سگھجن ٿيو جهن تي کانس سوال ڪيو ويو ته اوهان به پيسا ڏئي پوليس ۾ ڀرتي ٿيا هئا جنهن جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته آئون ميرٽ تي ڀرتي ٿيو هيس.

بلال شاهه پاڻ مٿان لڳايل سڀني الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته آئون ڪڏهن به بلال هائوس ۾ نوڪري نه ڪئي ۽ ويگو نه ان کان به گھڻيو سٺيون سٺيون گاڏيون آهن، ڪرائي جي گھر تي ناهيان رهندو پر گھر ڪرائي تي ڏنل آهن.

جم انسٽرڪٽر آهيان ڊفينس ۾ پنهنجي جم آهي: بلال شاهه

معاش جي ذريعي بابت سوال جي جواب تي بلال شاهه جو چوڻ هو ته جم انسٽرڪٽر آهيان ڊفيسن ۾ پنهنجي جم آهي، ٽن سالن کان جم هلائي رهيو آهيان ۽ اهو معاش جو ذريعو آهي، حڪومت کي ٽيڪس ڏيندو آهيان پر ياد ناهي ڪيترو ڏيندو آهيان.

حريم شاهه سان شادي بابت سوال تي بلال شاهه جو چوڻ هو ته حريم شآهه سان 4 مهينا اڳ شادي ٿي تاريخ ياد ناهي، حريم شاهه سان شادي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ايف آءِ اي جي خلاف پنهنجي زال لاءِ حڪم امتناع وٺڻ کان پوءِ مون خلاف انتقامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

Read Previous

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ حجاب پائيندڙ شاگردياڻين لاءِ ڌرتي تنگ، هراسان ٿيڻ لڳيون

Read Next

پنوعاقل مان اغوا ٿيل معصوم حافظ قرآن نينگر ھدايت الله جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular