فيصل واوڊا نااهل قرار، سينيٽر جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم

FEDERAL MINISTER FOR WATER RESOURCES, MUHAMMAD FAISAL VAWDA ADDRESSING A PRESS CONFERENCE IN ISLAMABAD ON OCTOBER 22, 2018.

اليڪشن ڪميشن ٻٽي شهريت ڪيس ۾ فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.

چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فيصل واوڊا جو سينيٽ جي سيٽ لاءِ نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ٿو.

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ فيصل واوڊا هاڻ سينيٽر به نه رهندو.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته فيصل واوڊا فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو.

فيصلي موجب فيصل واوڊا 2 مهينن ۾ سمورا مالي مفاد ۽ مراعتون واپس ڪري، هن ڏوهه لڪائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني.

اليڪشن ڪميشن ۾ فيصلي وقت حڪومت طرفان ڪو به موجود نه هو ۽ فرخ حبيب فارن فنڊنگ ڪيس جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ موجود هو، جڏهن ته فيصلي وقت درخواستگذار اليڪشن ڪميشن ۾ موجود هئا.

Read Previous

دهشتگردن جي مددگارن ۽ ساٿين جي باقيات کي ختم ڪنداسين: آرمي چيف

Read Next

هڪٻئي جا ڀِڀَ ڦاڙيندڙ چور اڄ گڏ ٿي رهيا آهن: وزيراعظم

Most Popular