هڪٻئي جا ڀِڀَ ڦاڙيندڙ چور اڄ گڏ ٿي رهيا آهن: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي پارليامينٽ ۾ تقرير کي جان ايپليڪيشن قرار ڏئي ڇڏيو.

فيصل آباد ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ پئسو وارو پنهنجو علاج ڪرائي سگهي ٿو پر غريب لاءِ علاج ڏکيو آهي، چورن جو ٽولو کنگهه جي علاج لاءِ به ٻاهر ويندو هو پر رياست غريب جي علاج لاءِ ذميواري نه کنئي، جن ماڻهن کي عوام جي علاج جي ذميواري کڻڻي هئي، اهي لنڊن وڃي رهيا آهن.

هن چيو ته اڄ سڀ چور گڏ آهن، 20 سال اڳ هڪٻئي چور چوندا هئا، زرداري جو پيٽ ڦاڙي تحريڪ انصاف کي پئسو نه ڪڍڻو هو، جن کي پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻا هئا، اهي اڄ هڪٻئي سان ملي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته آصف زرداري چوري جي چيڪ بڪ سان ماڻهن کي خريدڻ اچي ويو آهي، سڀني کي عمران خان جو خوف لڳل آهي، تڪڙ ٿا ڪن ته مون کي جلدي فارغ ڪن نه ته کين جيل موڪلي ڇڏيندس، انهن جي هوندي پاڪستان جو ڪو مستقبل ناهي، پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪلڻ سان ملڪ جو ڪهڙو مستقبل ٿيندو.

وزيراعظم چيو ته پاپڙ واري جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا اچي رهيا آهن، شهباز شريف جي تقرير جاب ايپليڪيشن هوندي آهي ته مون کي وري موقعي ملي وڃي، نواز شريف کي دل جي بيماري آهي پر ڏاڪڻ چڙهي رهيو آهي، پنهنجون فيڪٽريون ڏسڻ وڃي رهيو آهي.

Read Previous

فيصل واوڊا نااهل قرار، سينيٽر جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم

Read Next

فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي جسٽس وقار سيٺ جي قبر تي وڃي معافي گهرڻ جو حڪم

Most Popular