حريم شاهه وڌيڪ وڊيوز ۽ آڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو آهي ته بي بنياد جاچ نه بند ٿي ته وڌيڪ وڊيوز ۽ آڊيوز جاري ڪنديس.

پنهنجي بيان ۾ حريم شاهه چيو ته بي بنياد الزامن سان منهنجي ڪٽنب کي اذيت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حامي هيس، جڏهن ته تبديلي مان مايوس ٿي آهيان.

ٻئي پاسي حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه چيو آهي ته حريم شاهه سان 4 مهينا اڳ شادي ٿي، جڏهن ته تاريخ ياد ناهي.

هن چيو ته بلاول هائوس ۾ ڪڏهن نوڪري ناهي ڪئي، ڪرائي جي گهر ۾ نه رهندو آهيان پر گهرن کي ڪرائي تي ڏيندو آهيان، ڊفينس ۾ جم آهي ۽ جم انسٽرڪٽر آهيان، اهو ئي آمدني جو ذريعو آهي، ٽيڪس ڏيندو آهيان پر ڪيترو ڏنو آهي ياد ناهي.

بلال شاهه جو چوڻ هو ته حريم شاهه سان شادي کانپوءِ منهنجي خلاف ايف آءِ آر ۽ اسپيشل برانچ انتقامي ڪارروائي ڪري رهيون آهن.

حريم شاهه جي مڙس اهو به چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ايف آءِ اي خلاف پنهنجي زال لاءِ اسٽي ورتو، جنهن تي منهنجي خلاف انتقامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي، پنهنجي خلاف ٺهيل رپورٽ تي عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

واضح رهي ته پوليس رپورٽ ۾ حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه تي الزام لڳايو ويو آهي ته کيس سنڌ پوليس مان ڏوهاري سرگرمين تي ڪڍيو ويو.

ذريعن موجب بلال شاهه تي ڀتو گڏ ڪرڻ، منشيات فروشي، مساج سينٽر مان ڀتو وصول ڪرڻ جو الزام آهي.

Read Previous

آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

Read Next

ورزش کانسواءِ جسماني وزن گھٽائڻ جا طريقا

Most Popular