آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا جي خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر آسٽريليا جي خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ 16 رانديگرن ۽ 5 ريزرو رانديگرن تي ٻڌل قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.

آسٽريليا جي خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ اوپنر شان مسعود جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي، ٻنهي رانديگرن کي اسپنر بلال آصف ۽ اوپنر عابد علي جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ شامل 21هين ميمبر ياسر شاهه کي ريزرو رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل جيڪي رانديگر ايڇ بي ايل (پي ايس ايل) 2022ع جو حصو ناهن، اهي 16 فيبروري کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ تربيتي ڪيمپ جو حصو بڻجي ويندا.

Read Previous

هندو انتهاپسندن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ مسڪان جو موقف سامهون اچي ويو

Read Next

حريم شاهه وڌيڪ وڊيوز ۽ آڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Most Popular